رڍون ريڍو مال

رڍون ريڍو مال

رڍون ريڍو مال

رڍون/ ريڍو مال: سنڌ ۾ رڍون/ ريڍو مال جام ٿيندو آهي. رڍن ۽ ٻڪرين کي عرف عام ۾ ’سنهو مال‘ سڏيو ويندو آهي. رڍون گهريلو جانور آهن. سنڌ ۾ رڍون، ٿر ۽ ڪوهستان وارن علائقن ۾ وڌيڪ ٿينديون آهن، باقي سنڌ ۾ به رڍون ٿين ٿيون. جابلو علائقي ۽ ريگستاني حصي ’ٿر‘ جي ماڻهن جو گذر معاش گهڻو تڻو سنهي مال يعني رڍن ۽ ٻڪرين جي پيدائش تي آهي. رڍون اپت وارو مال آهن. ريڍي مال کي ’ماٺيڻو مال‘ به چيو ويندو آهي.
رڍون دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ٿينديون آهن ۽ انهن جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا، پر سنڌ ۾ عام طرح رڍن جا پنج قسم ٿين ٿا: (1) رِڇي: هيءَ رڍ وڏي، ڀُوري ۽ قداور ٿيندي آهي، (2) چُوڙڪ: هن رڍ کي ڳچيءَ وٽان آڏو ٻه لُڙڪيون/ لڙڪندڙ لارون ٿينديون آهن. (3) دُنبي: هن قسم جي رڍ جي پڇ ۾ ٿلهو دُنب ٿيندو آهي. نر ’دُنبو‘ عام طور مشهور آهي. (4) گُلي يا لاپڙي: هن رڍ جا ڪَنَ ٻين قسمن جي رڍن کان وڏا ٿيندا آهن. گلي رڍ وڌيڪ ماٺ ۽ چپ واري آهي. اڪثر ڪُڇندي ڪانه آهي، هونئن به ريڍو مال ماٺيڻو مال هوندو آهي. سگهڙ ڪبير شاهه جو هڪ بيت آهي ته: ’رڍن‘ اڳيان رباب، وڄائيندي ورهيه ٿيا، ’گُلي‘ گَس نه ڇڏي، جوڙي ڏئي نه جواب .. (5) ڀاروڙي: ڀاروڙي رڍ جو ٻوٿ ڪاراڻ وارو هوندو آهي ۽ ان جو باقي بت اڇو ٿيندو آهي. ڀاروڙين رڍن تان سنڌيءَ ۾ اهو پهاڪو ٺهيو آهي ته ’رڍون سڀ ٻوٿ ڪاريون‘. شاهه لطيف جي رسالي ۾ ڀاروڙي لفظ رڍ لاءِ به استعمال ٿيو آهي ۽ لوئيءَ لاءِ به، ڇو ته ’ڀاروڙي‘ رڍ جي اُن مان ٺهيل لوئين کي ’ڀاروڙيون‘ چئبو آهي: زيريين، ٻيڙيين لوهه ۾، ڳٽين ٿئڙيس ڳاهه، سنڪي سندي سومري، هڏ نه چاڙهيم ماهه، سرتيون دُعا ڪجاهه، ڀرم ’ڀاروڙيءَ‘ رهي! سنڌ جي عام علائقن کان ٿر جي کائڙ واري ڀاڱي ۾ رڍون گهڻيون ٿينديون آهن ۽ اهي اڪثر اڇيون هونديون آهن. انهن جي اُنَ جي ڪُتر جي پهرئين لاب کي ’سَسي‘ چوندا آهن، جيڪا نهايت نرم ٿيندي آهي ۽ واپاري شوق سان وٺندا آهن. سسي اُن واري لوئي هلڪي ۽ اوڍڻ ۾ آسان ٿيندي آهي. اڳي ’سسي اُن‘ عورتون ڪتينديون هيون ۽ ان مان لويون ٺاهينديون هيون. رڍ گهڻو ڪري ڇهين مهيني ويامندي آهي. رڍ جو کير ٻين سڀني جانورن جي کير کان وڌيڪ گهاٽو ٿئي ٿو، ان ڪري ريڍي کير جي چانهه سٺي ۽ گهاٽي ٿيندي آهي. دُنبي ۽ دُنبيءَ (ريڍي مال) واري قسم جي رڍن کي ’سڱر پڇر‘ به چئبو آهي. ٺوڙهين رڍن جي نر کي ڪُڪُو ۽ ماديءَ کي ڪُڪُي ڪوٺبو آهي. ’سڱر پڇر‘ رڍون ڪوهستان واري ڀاڱي ۾ ٿين ٿيون، جن جي ڪن نرن کي ٻن بدران چار سڱ به ٿيندا آهن ۽ انهن جي مادين کي ٻه سڱ ٿيندا آهن. رڍن جا ٻوٿ گهڻو ڪري ڪارا يا ناسي به ٿيندا آهن ۽ ڪيتريون اڇي ٻوٿ واريون رڍون ٿين ٿيون. لاڙ ۾ رڍن جا ٻوٿ ڳاڙها ڪڪا ٿين ٿا، جن کي ’رڇون‘ سڏين ۽ ٿر ۾ اڇين رڍن کي ’ڀاروڙيون‘ چئبو آهي. جيسلمير جي کاڏار واري ڀاڱي جي رڍن کي ’کاڏاري‘ رڍون ڪوٺيو ويندو آهي. ريڍي مال جا وار ڊگها ٿين ته انهن کي ’اريٺ‘ چئبو آهي ۽ ننڍن وارن کي ’اُن‘ ڪوٺبو آهي. رڍن جي بدن تان لاٿل اُنَ کي ’پُٺي‘ به سڏين ۽ نر جي پُٺن تان لاٿل وارن کي ’پُٺا‘ ڪوٺين. رڍن جا وار سال ۾ هڪ ڀيرو ڪتريا ويندا آهن، جيڪي سٺي اگهه تي وڪرو ٿين ٿا. رڍن جي وارن مان گرم کٿا، فراسيون، ڪمبل ۽ اوني ڪپڙا ٺهندا آهن. رڍ جي اُنَ جڏهن ڪتبي آهي ته ان جي تند کي ’پيڻ‘ سڏبو آهي ۽ اڻ ڪتيل کي ’پهو‘ يا ’پانڌو‘ چئبو آهي. ٿر جي ٺوڙهي رڍ جا ڪيترائي قسم آهن، جن ۾ ’اوٺي رڍ‘ رنگ ۽ ڪنن ۾ اُٺ جهڙي ٿيندي آهي. ’ٻُسري رڍ‘ ننڍن ڪنن سان ٿئي ٿي. ’ٻُچي رڍ‘ جي کاڏيءَ تي ڊگهن وارن جو مچو ٿيندو آهي. ٺوڙهي گهيٽي يا دنبيءَ کي ’ايڙڪ‘ به سڏبو آهي. جابلو دُنبي جو پڇ ٿلهو ٿيندو آهي، جنهن ۾ چرٻي ٿئي ٿي. مالوند ماڻهو دنبي جي پڇ کي متاري ڪرڻ لاءِ چڻا ۽ سائو گاهه کارائي دنبي جي چرٻي وڌائيندا آهن. رڍون هلڻ ۽ چرڻ وقت ڪنڌ هيٺ ڪري هلنديون آهن. ريڍي مال جو گوشت گهٽ کاڌو ويندو آهي. رڍ جي کل بدن جي سُور وغيره ۾ پائڻ لاءِ ڪارآمد چئي وڃي ٿي. رڍن جي اُن مان ٽوپيون به ٺهنديون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو